لاهور (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس آپريشن ڪري پي ٽي آءِ جي انهن ايم اين ايز کان رهائشگاهه خالي ڪرائي، جن جون استعيفائون منظور ٿي چڪيون آهن. نامياري صحافي معظم فخر موجب پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ايم اين ايز کي ڪيترائي ڀيرا سرڪاري گهر خالي ڪرڻ ، سرڪاري گاڏيون ڊرائيور ۽ گارڊ واپس ڪرڻ جا نوٽيس ڏنا ويا هئا پر هو سرڪاري سهولتون واپس ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. جنهن بعد قومي اسيمبلي اسپيڪر جي هدايت تي پوليس آپريشن ڪري ڪيترن ئي گهرن مان سامان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ۽ لاجز کي تالا هڻي ڇڏيا جڏهن ته مقرر ٿيل گارڊن جي آفيسرن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته گارڊن کي اتان هٽايو وڃي.