اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت تعزيرات پاڪستان ۽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر ۾ ترميم ڪندي فوج ۽ عدليه کي بدنام ڪرڻ تي 5 سالن تائين سز لاءِ قانون جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو، حڪومت پاران تيار ڪيل ڊرافٽ جي ڪاپي ڊان ڊاٽ ڪام کي دستياب آهي، قانون واري وزارت پاران تيار ڪيل ڊرافٽ گهرو وزارت ذريعي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي پيش ڪيو ويو آهي، ڪابينا جي ان حوالي سان سمري ۾ جلد پيش ٿيندڙ بل بابت واضح آهي ته سوشل ميڊيا تي فوج ۽ عدليه تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، گهرو وزارت جي ذريعن مطابق سمري ۽ بل جلد ئي وفاقي ڪابينا کي موڪليو ويندو، فوجداري قانون (ترميمي) ايڪٽ 2023ع جي عنوان سان بل ۾ تعزيرات پاڪستان 1860 ۾ سيڪشن 500 کانپوءِ 500 اي جي نئين سيڪشن جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن کي رياستي ادارن کي ڄاڻي واڻي بدنام ڪرڻ ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ جو نالو ڏنو ويو آهي، ڊرافٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو به عدليه، هٿياربند فوج يا ان جي ڪنهن به ميمبر کي بدنام ڪرڻ يا تذليل جو نشانو بڻائڻ جي نيت سان ڪو بيان ڏيندو يا معلومات ڪنهن به ذريعي کان پکيڙيندو ته ان کي قيد جي سزا جو مرتڪب قرار ڏنو ويندو ۽ ان ۾ 5 سالن تائين واڌ يا ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي، ڏنڊ 10 لک رپيا يا ڏنڊ ۽ قيد ٻئي سزائون ڏئي سگهجن ٿيون، تعزيرات پاڪستان جي شيڊول 2 ۾ سيڪشن 500 سان گڏ 500 اي جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن تحت جوابدار کي بغير وارنٽ گرفتار ڪيو ويندو ۽ الزام ناقابل ضمانت ۽ ناقابل مصالحت تصور ڪيو ويندو ۽ ان کي رڳو سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو، سمري ۾ چيو ويو ته عدليه ۽ فوج جي عهديدارن کي سامهون اچڻ، اسڪينڊلائز ڪرڻ، تذليل جوڳن بيانن جو جواب ڏيڻ جو موقعو نٿو ملي، ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته هن بل ناهي ڏٺو پر ڪنهن کي بدنام ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪا حد هئڻ گهرجي، دنيا ۾ هر هنڌ هتڪ عزت جو قانون آهي، ٻئي پاسي ليگي ايم اين اي روحيل اصغر چيو ته حڪومت پاران اهڙو ڪو قانون منظور نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان طرح جو قانون بڻايو ويو ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن ان تاثر کي رد ڪيو ته ادارن تي تنقيد سان انهن جي بدنامي ٿئي ٿي ۽ چيو ته جيڪڏهن ووٽر پنهنجي تڪ جي سربراهه تي تنقيد ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ڪنهن تي به تنقيد ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو، بعد ۾ شاهد خاقان به پنهنجي بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته ان طرح جي وحشياڻي قانون سازي جي حمايت نٿو ڪري سگهان، پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ٽوئيٽ ۾ چيو ته تجويز ڪيل بل پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي، آرويلين رياست بڻائيندي اسان سياستدانن کي ياد رکڻ گهرجي ته ان طرح جا قدم امڪاني طور تي اسان سڀني کي نقصان پهچائيندا آهن