پشاور ۾هزارين ماڻهن جو امن مارچ، طالبان خلاف مزاحمت جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا جي عوام صوبي ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي سرگرمين کي رد ڪري ڇڏيو پختونخوا پوليس جي شهيد جوانن سان همدردي ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا.رپورٽ موجب ڪي پي ۾دهشتگردي خلاف نوجوانن جي تنظيم سوات اولسي پسون ۽ پشتون تحفظ موومينٽ  جي سڏ تي پشاور پريس ڪلب اڳيان منعقد ٿيل امن مارچ ۾ سياسي پارٽين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.امن مارچ ۾ اي اين پي، قومي وطن پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ ايم اين اي محسن داوڙ ۽ پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين  هزارين ماڻهن کي خطاب ڪيو. نوجوانن جي تنظيم سوات اولسي پاسون پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي خيبرپختونخوا ۾ ٻيهر موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ کان پوءِ وجود ۾ آئي آهي.واضح رهي ته گذريل سال اولسي پاسون خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ امن مارچ ڪيا، هن جو  هڪ ئي مطالبو آهي ته امن کپي..پشاور ۾ امن مارچ دوران نوجوانن ۽ بزرگن کان علاوه عورتن به شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم اين اي محسن داوڙ خطاب ڪندي چيو ته پراجيڪٽ طالبان جي نئين ٺهراءُ جي مزاحمت ڪندي اسان پنهنجي عوام سان گڏ آهيون، اسان پنهنجي سرزمين تي نئين جنگ مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين.امن مارچ ۾ شريڪ سياسي پارٽين جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پشاور پوليس لائنز مسجد تي دهشتگرد حملي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.امن مارچ ۾ خطاب ڪندي چيو ويو ته خيبرپختونخوا جو عوام دهشتگردي کان بيزار آهي، اسان امن چاهيون ٿا، اسان جا گهر تباهه ٿيا، اسان بي گهر ٿياسين. پر هن ڀيري اسان کي وڙهڻو آهي.پي ٽي ايم سربراهه منظور پشتين خطاب ڪندي چيو ته هي پشاور يا وزيرستان جو معاملو ناهي، قوم، قبيلن، ڪنهن علائقي يا تنظيم جو معاملو ناهي. اسان ڪي پي جي ڪنڊ  ڪنڊ ۾ وينداسين، هر هنڌ پنهنجو پيغام پهچائينداسين ته اسان هنن کي رت جو هڪ ڦڙو ۽ اکين جا ڳوڙها به نه ڏينداسين، اسان پنهنجي  سر زمين واپس حاصل ڪنداسين.منظور پشتين چيو ته اسان پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪنداسين. پختونن کي طالبان خلاف نڪرڻو پوندو،ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته توهان پشاور يا وزيرستان جا آهيو. اسان پختون آهيون ۽ پختون خوا  مان آهيون. اسان پنهنجي قوم، پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ڪنداسين. اهو مسئلو اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ڌرتي سان لاڳاپيل آهي. مسئلو هن سرزمين تي دهشتگردن پاران ڪيل خونريزي جو آهي. هاڻي بي گناهه پشتونن جو خون وهائڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.