اسلام آباد (اعزازسيد / عمر چيمه ( طالبان خلاف ڪنهن قومي سطح جي فيصلي يا آپريشن جو حصو بڻجڻ نٿو چاهي ڇاڪاڻ ته هو اڳ ئي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان سياسي طور وڙهي رهيو آهي ان ڪري هو پنهنجي خلاف ٽيون محاذ کولڻ نٿو چاهي. ناميارن صحافين موجب عمران خان ان پاليسي سان قومي ملزم بڻجي رهيو آهي. عمران خان جو ٻيو مسئلو اهو آهي ته هو وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪنهن به سياستدان کي پنهنجي جو نٿو سمجهي صرف آرمي چيف کي ئي پنهنجي سطح جي شخصيت سمجهي ٿو. باقي سمورن سياستدانن کي پاڻ کان انتهائي گهٽ درجي جو ڪمتر شخص سمجهي ٿو اها خوش فهمي به عمران خان لاءِ قومي ڌارا ۾ اچڻ ۾ رڪاوٽ آهي. هو جڏهن وزيراعظم هو ڪڏهن به مخالف ڌر سان ڳالهين يا ان وقت مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان هٿ ملائڻ لاءِ به تيارنه هو ان ڪري اي پي سي ۾ سندس شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان ڪو حيران ڪندڙ نه آهي.