اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان مُلڪي مفاد جي معاملن تي به ڪنهن سان گڏ ويهڻ/ لاءِ تيار ناهي، تحريڪ انصاف پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار سندن ناڪاري ۽ فسطائي سوچ جو واضح ثبوت آهي.اي پي سي ۾ عمران خان جي شرڪت کان انڪار تي ردعمل ڏيندي شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف پهريان ڪشمير معاملي تي يڪجهتي جو حصو نه بڻي نه هاڻي دهشتگردي خلاف قومي اتحاد جو حصو بڻجڻ چاهي ٿي.شيري رحمان چيو ته عمران خان اِهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته دهشتگردي رڳو مُلڪ، قوم جو مسئلو آهي تحريڪ انصاف جو نه.هن چيو ته دهشتگردي خلاف اي پي سي ۾ نه اچي دهشتگردن کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ سندن خلاف ناهي.