ڪراچي(م ڊ) ناليواري صحافي ۽ وي لاگر اسد علي طور ٽوئيٽ ڪيو آهي ته هي فورسز ۾ اڪثريت جي گهروارين، ڌيئرن ۽ ڀينرن کي ڪهڙي ڳالهه جي آڪڙ آهي، انهن جي مڙسن، ڀائرن يا پيئرن کي اسان يونيفارم پارائي ڊسلين ۾ رهڻ جو چيو آهي، مافيا وانگر بدمعاش بڻجڻ جو نه، جيڪڏهن نيوي وارا ان آفيسر کي ڪورٽ مارشل ڪري برطرف نٿا ڪن ۽ ان عورت کي جيل ۾ نٿا وجهن ته پوءِ لعنت آهي، هن صوفي احمد نالي ٽوئيٽر جي ٽوئيٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته 3 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ بزرگ ڊي ايس پي اشتياق آرائين تي هٿ کڻندڙ عورت نيوي جي ڊاڪٽر نڪتي بعد ۾ هن جو مڙس جيڪو پاڻ به نيوي جو آفيسر آهي باوردي ماڻهو وٺي آيو ۽ بدمعاشي ڏيکارڻ لڳو، هن لکيو ته وسيلن تي قبضو ۽ معيشت کي ڪنگال ڪرڻ سان گڏوگ اهي بدمعاشي به ڪري رهيا آهن، صحافي عباس ناصر ڊي جي آءِ ايس پي آر کي هيش ٽيگ ڪندي سوال ڪيو ته ڇا پوليس آفيسر تي حملو ڪندڙ عورت پاران وردي واري آفيسر جي اها مداخلت فوجي قانون تحت سزا جوڳو ڏوهه آهي يا معيار ايترا ڪري ويا آهن ته اهو قابل قبول آهي.