اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ۽ ڳجهي ايجنسي را طرفان منشيات ۽ هٿيار اسمگل ڪري ان جو الزام پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي شهرين مٿان مڙهڻ وارو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.ڀارتي فوج ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ڪوڙ، جڙتو مقابلا ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ڀارتي فوج جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن پر پنهنجي ئي عوام کي بيوقوف بڻائيندڙ ڀارتي فوج سينيئر آفيسرن کي به دوکو ڏيڻ لڳي آهي.ڀارتي فوج ۽ ڳجهي ايجنسي ” را “ جو ڄمون ڪشمير پوليس سان نمبرن جو مقابلوجاري آهي، ۽ ڀارتي آفيسر پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ جي چڪر ۾ خطي جو امن داءُ تي لڳائي رهيا آهن، آفيسر ترقين ۽ تمغن جي لالچ ۾ پنهنجا ئي هٿيار اسمگل ڪري الزام ڪشمير جي آزادي پسندن مٿان مڙهڻ لڳا آهن.پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين ڀارتي فوج ۽ ڳجهي اينجسي را جي منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت مجبور ڪشميرين کي پئسن جي لالچ ڏئي اسمگلنگ تي راضپي ڪيو ويندو هو ۽ موقعو ملڻ تي اڻڄاڻ اسمگلرز کي جڙتو آپريشن ۾ ماريو ويندو هو.سي آءِ ڊي ڪشمير جو ڄمون ۽ ڪشمير پوليس جي سربراهه ڏانهن لکيل خط منظرعام تي آيو آهي، ان جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ سي آءِ ڊي سربراهه خط ۾ منصوبي کي نظرانداز ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رهيو آهي.