ڪراچي سينٽرل جيل مان آزادي ماڻيندڙ عبدالحفيظ زهري کي ٻيهر کنڀڻ جي ڪوشش، تشدد،فائرنگ

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو عبدالحفيظ زهري جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو ويو، عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ احتجاج ڪيو، وارثن چيو ته عبدالحيظ زهري کي متحده عرب امارات مان جبري گمشدگي بعد پاڪستان حوالي ڪرڻ بعد عبدالحفيظ کي آزادي کانپوءِ گذريل ڏينهن ٻيهر هٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته ڪالهه عدالتي حڪم کانپوءِ آزادي کان فوري بعد اڇي ويگو ۾ سوار هٿياربندن سينٽرل جيل آڏو عبدالحفيظ زهري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي کيس ۽ اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي زخمي ڪري ڇڏيو، هن تي فائرنگ ڪئي وئي، پر اسان مزاحمت ڪري اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، هنن چيو ته عبدالحفيظ زهري عدالت مان باعزت بري ٿيو پر ڪجهه ماڻهن کي اهو گوارا ناهي ۽ ٻيهر لاپتا ڪرڻ چاهين ٿا، عبدالحفيظ جي ڀيڻ سعيده حميد چيو ته منهنجي والده، والد عبدالحفيظ جي جبري گمشدگي تي تڪليف ۽ در مان گذري رهيا آهن، اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون، مظاهري ۾ وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي وائس چيئرمين لاپتا ڊاڪٽر دين محمد جي ڌيءُ سمي بلوچ، يڪجهتي ڪميٽي جو وهاب ۽ ٻيا شامل هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.