راڄوخاناڻي (رپورٽ:امداد نظاماڻي) راڄوخاناڻي ويجهو ڳوٺ چيترو ڪولھي جي رهواسي ٻن ٻارن جي پيءُ 37 سالن جي لوجي پٽ ڏيولو بجاڻو بي روزگاري کان تنگ ٿي ڪمند جي فصل ۾ بيٺل وڻ ۾ ڦاهو کائي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو.نوجوان جي گهر نه پهچڻ تي وارثن ڳولا ڪئي، کين وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ آيو،اطلاع تي پوليس وڻ سان ٽنگيل لاش لاهي اسپتال آڻي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.ڳوٺاڻن موجب نوجوان بي روزگاري ۽ معاشي بدحالي سبب ڏاڍو پريشان رهندو هو
غربت سبب پاڻ مارڻ لاءِ نوجوان مٿي ۾ڪوڪا هڻي ڇڏيا
ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) بلڙي شاهه ڪريم ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي 4 ٻارن جي پيءُ پنهنجي مٿي ۾ 4 ڪوڪا هڻي ڇڏيا. واقعي بعد سماجي تنظيم جي ذميوارن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو.رپورٽ موجب بلڙي شهر ۾ 25 ورهين جي امتياز رند غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي پنهنجي مٿي ۾ 4 ڪوڪا هڻي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. غربت سبب علاج نه ڪرائڻ جي اطلاع تي فلاحي تنظيم جي اڳواڻ حاجي شاهنواز نوجوان کي ٽنڊو محمد خان سرڪاري اسپتال پهچايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.