گرفتارين تي ڳڻتي، ايڇ آر سي پي بغاوت قانون جو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد جي گرفتاري کي نظر ۾ رکندي بغاوت جي قانون کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.ايڇ آر سي پي بغاوت، غداري ۽ عوامي فسادن کي هوا ڏيڻ وارن بياننجي الزامن هيٺ مخالف ڌر اڳواڻن ۽ صحافين جي تازين گرفتارين ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ايڇ آر سي پي رات جي اونداهي ۾ مڪمل ڇوٽ سان گڏ گرفتارين، گرفتار ماڻهن طرفان سندس گهر ڀاتين کي هيسائڻ جي الزامن ۽ ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه کي به ڳڻتي جو سبب قرار ڏنو آهي.انساني حقن جي ڪميشن جو چوڻ آهي ته هڪٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتن اختلاف راءِ کي دٻائڻ لاءِ نوآبادياتي دور جي دقيانوسي قانونن کي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي، اهڙي عمل سان ڪڏهن به ڪو جهموري مقصد پورو ناهي ٿيو.ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ اسان گار گند يا ڌمڪي جوڳن بيانن کي ڪنهن به صورت جائز قرار نٿا ڏيون پر سيڪشن 153-الف،505 ۽ 124-الف تحت شيخ رشيد احمد ۽ فواد چوڌري جهڙن اڳواڻن جي تازي گرفتارين کي آڏو رکندي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته بغاوت جو قانون تعزيراتِ پاڪستان مان ختم ڪيو وڃي.ايڇ آر سي پي موجب اِهو قانون سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿيڻ جي ڊگهي تاريخ رکي ٿو، ائين ڪرڻ لاءِ 2020ع جي شروعات ۾ سينيٽ ۾ شروع ڪيل سياسي عمل فوري طور بحال ڪرڻ گهرجي.انساني حقن جي ڪميشن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته قلم 124 الف تقرير ۽ اظهار جي حق، جنهن جي آئين ضمانت ڏي ٿو، جي جائز استعمال تي پابندي برابر آهي، حڪومت سان اختلاف ۽ تنقيد هڪ متحرڪ جهموريت ۾ مضبوط عوامي بحث جي لازمي جزن مان هڪ آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به بغايت سان تعبير نه ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.