ڪراچي (رپورثر) ڪراچي بئنڪنگ ڪورٽ ۾حيدرآباد-سکر موٽر وي ۾ 3 ارب رپين جي ڪرپشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ٽنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌئي ڇڏيو.عدالت مظفر چانڊيو،سعود الحسن ۽ ذيشان لاڙڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر جو چوڻ ھو ته جوابدار مظفر چانڊيو مختيار ڪار جي عھدي تي مقرر ھو .پراسيڪيوٽر چيو ته ذيشان لاڙڪ سنڌ بئنڪ جو ملازم هو ۽ جوابدار سعود الحسن اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم جو ويجهو مائٽ آهي.ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار ڪرپشن مان حاصل ڪيل رقم جي منتقلي جي منصوبابندي ڪندا هئا،جوابدار اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز تاشفين عالم کان واٽس ايپ ذريعي هدايتون وٺندا هئا.پراسيڪيوٽر چيو ته اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز تاشفين عالم، تپيدار ٺارو خان سولنگي، رحمت سولنگي ۽ ٺيڪيدار اصغر جتوئي اڃا تائين مفرور آهن، جوابدارن تي حيدر آباد- سکر موٽر وي ۾ 3 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام آهي.