توهين جوڳو مواد نه هٽائڻ تي پاڪستان ۾ وڪي پيڊيا بلاڪ

اسلام آباد(م ڊ)سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وڪي پيڊيا تصديق ڪئي آهي ته پي ٽي اي پاڪستان ۾  اسان جي سروس سميت سمورا پراجيڪٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.بيان ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته اسان کي پي ٽي اي طرفان پهرين فيبروريءَ تي ٻڌايو ويو ته وڪي پيڊيا سروس کي 48 ڪلاڪن لاءِ ڊي گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ وري ٽي فيبروريءَ تي غيرقانوني مواد جو جواز ڄاڻائي اسان جي سروس کي پاڪستان ۾ مڪمل طور تي بلاڪ ڪيو ويو آهي.وڪي پيڊيا جو چوڻ آهي ته اسان ” معلومات سڀني انسانن لاءِ “ واري پاليسي تي يقين رکون ٿا ۽ سروس کي پاڪستان ۾ بلاڪ ڪرڻ جو مطلب آهي ته دنيا جي پنجين وڏي آباديءَ واري مُلڪ کي بنا معاوضي معلومات تائين پهچ کان محروم ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اِهو سلسلو جاري رهيو ته هر ڪو پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت تائين پهچ حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندو.ويب سائيٽ وڌيڪ چيو ته اسان پراميد آهيون ته پاڪستاني سرڪار هر ڪنهن کي ڄاڻ تائين رسائي واري حق ۾ اسان جو ساٿ ڏيندي ۽ وڪي پيڊيا سروس ۽ پراجيڪٽس کي فوري بحال ڪندي ته جيئن پاڪستان جا ماڻهو سڄي دنيا ۾ پنهنجي معلومات کي شيئر ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.