اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي طبي رپورٽ پوليس کي ملي وئي آهي.پوليس موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گرفتاري وقت فواد چوڌري نشي جي حالت ۾ هو.پوليس فواد چوڌري جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته فواد چوڌري خلاف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي فرياد ۾ اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي ۾ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مٿس اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڌمڪائڻ جو الزام آهي.