حيدرآباد( پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مان پاڪستان ميري ٽائيم زونس2022 بل جي منظوري تي ردعمل ڏيندي چيو ته وفاق کي صوبن جي ملڪيتن تي قبضي ڪو حق ناهي پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي جنهن ۾ شامل صوبن جي پنهنجي جاگرافيائي حدون آهن انهن حدن جي اندر زمين، پاڻي ۽ سمورن وسيلن جا مالڪ صوبا آهن انهن تي وفاق مالڪي جو حق نٿو رکي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل ۾ وفاق کي اهو اختيار ڏيڻ غلط آهي ته اهو سمنڊ جي حدن جو تعين ڪري يا سامونڊي ٻيٽن يا مصنوعي ٻيٽ جوڙي اتي ڌارين آبادڪاري کي هٿي ڏي يا انهن جي مالڪي بابت وفاق جي حق ۾ قانون جوڙي. بل تحت سامونڊي مصنوعي ٻيٽن تي خصوصي اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جا اختيار وفاقي حڪومت کي ڏنا ويا آهن جيڪو نه صرف صوبن جي حقن جي خلاف ورزي آهي پر ان کي سنڌ جي اندر ڌارين آبادڪاري کي منظم طريقي سان آباد ڪرڻ جي سازش سمجهون ٿا. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته عمران سرڪار به صدارتي آرڊيننس جي ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ جي عوام پنهنجي سخت احتجاج سان ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو. هاڻي پي ڊي ايم سرڪار وري اهڙي سازش ڪري رهي آهي