لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم آءِ ايم ايف جي وفد آڏو جهڪي رهيو آهي ان کان وڌيڪ قوم جي بدنامي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته آءِ ايم ايف قرض نه پر عوام کي زهر ڏئي رهي آهي، ان جا شرط قبول نه آھن جيڪڏھن مڃيا ويا ته جماعت اسلامي مزاحمت ڪندي. 10 جنوري تي عوام جو سمنڊ لاهور کان اسلام آباد روانو ٿيندو ٽن ڏينهن وارو مهانگائي مارچ حڪمرانن ۽ آءِ ايم ايف لاءِ پيغام آهي ته قوم اوهان جا بند ڪمري۾ ڪيل فيصلا قبول نه ڪندي. عالمي مالياتي ادارن جي شرطن جا مڪمل تفصيل عوام آڏو رکيا وڃن، هن چيو ته غريب قوم وڌيڪ قربانيون نٿي ڏئي سگهي. عالمي مالياتي اداري جو 23 هون پروگرام هلي رهيو آهي ٻڌايو ته معيشت ڇو نه سڌري؟ يقين سان چوان ٿو ته ته ملڪ کي آءِ ايم ايف ۽ پرڏيهي قرضن جي ضرورت ناهي حڪمران پنهنجي ڪرپشن بند ڪن.