پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پيپلز پارٽي جي ايم اين اي محمد بخش مهر ۽ علي گوهر چاچڙ جي سرپئنچي هيٺ ماڪا ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ٿيو، جنهن ۾ پيءُ پٽ جي خون جو ملهه 60 لک ۽ لاشن جي تذليل ڪرڻ سميت مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. رپورٽ موجب پنوعاقل ۾ڪجهھ سال اڳ مال جي واڙي جي جي ڀت ڪرڻ تان چاچڙ ۽ ماڪا برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ اربيلو ۽ سندس پٽ پرويز چاچڙ مارجي ويا هئا، جنهن جو پنوعاقل ۾ سردار حاجي خان چاچڙ جي بنگلي تي سردار محمد بخش خان مھر ۽ سردار غلام گوھر چاچڙ جي سرپئنچي ھيٺ جرڳو ٿيو. جرڳي ۾ سردار بابل ڀيو، غلام مصطفي ابڙو، مولابخش مھر، ڪرم خان مھر به شريڪ ٿيا. جرڳي ۾ ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد ماڪا برادري مٿان ڏوھ ثابت ٿيو، في خون جي بها 30 لک طئي ڪري ٻن خونن جو 60 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ٽن زخمين جا 30 لک مقرر ڪيا ويا،اهڙي طرح ماڪا برادري طرفان پنھنجي ماڻھو کي ماري ڪيس چاچڙ برادري تي داخل ڪرائڻ جا 20 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو ۽ لاشن جي تذليل سميت ماڪا برادري مٿان مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ رکيو ويو. فتويٰ بعد ماڪا برادري 10 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا بقايا رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي جڏهن ته فتويٰ ۾ اھو به ٻڌايو ويو ته آخري قسط ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڪا برادري چاچڙ برادري وٽ ميڙ کڻي ويندي، جنھن بعد مقتولن جا وارث چاچڙ برادري کي عدالت ۾ صلح نامو لکي ڏيندي. واضح رھي ته ڪجهھ سال اڳ چاچڙ برادري جي ٻن ڄڻن پيءُ ۽ پٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ٻنھي پيءُ ۽ پٽ جي قتل ڪيس ۾ عدالت جوابدارن کي موت جي ٻڌائي چڪي آھي، جوابدار توقير ماڪو، آزاد ماڪو، فلڪ ماڪو ۽ فيصل ماڪو گرفتار ٿيل آھن جن کي عدالت طرفان موت جي سزا ٻڌايل آھي.