ڪينسر ۽ دماغي بيماريون بند، منڍيون نه اڇلايو، جيڪو آهي منڍين ۾ آ!

سياري جي موسم اچڻ سان ئي مڇي جي مارڪيٽ ۾ ماڻهن جي رش وڌي ويندي آهي ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته مڇي گرم هوندي آهي ۽ سياري جي موسم ۾ ان جو استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي. صحت جي ٻين فائدن کان هٽي ڪري به جيڪڏهن مڇي جي ڳالهه ڪجي ته اها سياري ۾ کائڻ سان سيءُ گهٽ لڳندو آهي.ان سان گڏ مڇي ۾ ايتري طاقت هوندي ۽ هضم ٿيڻ جون صلاحيتون هونديون آهن جو ڊاڪٽر به گهڻي قدر مريضن کي مڇي کائڻ جي صلاح ئي ڏيندا آهن، سواءِ چمڙي جي مريضن يا ڪجهه خاص قسم جي دوائن جي استعمال دوران.

ڪجهه ماڻهو مڇي کي منڍين سميت کائيندا آهن پر عام طور تي ماڻهو انهن مڇي جي منڍين کي مڇي واري وٽ ئي ڪٽرائي اڇلائي ڇڏيندا آهن يا وري گهر اڇي ان کي پچائڻ کان اڳ الڳ ڪري اڇلائيندا آهن، پر اڄ اسان اوهان کي مڇي جي منڍين جا اهڙا پنج فائدا ٻڌائينداسين جيڪي شايد توهان کي خبر ته نه هوندي پر انهن کي ڄاڻن کانپوءِ توهان ڪڏهن به مڇي جي منڍي کي نه اڇلائيندا.

  1. وٽامن اي

مڇي جي منڍين مان نڪرندڙ سڻڀ جتي ٻين شين سان مالا مال هوندو آهي اتي ان ۾ وٽامن اي جو به تمام گهڻو مقدار هوندو آهي اها وٽامن اسان جي اکين جي نور سميت جسم لاءِ به ڪيترن ئي فائدن واري آهي، اها وٽامن مدافعتي قوت کي برقرار رکڻ، جسم کي فري ريڊيڪلز جي حملن کان بچائڻ ۽ ڪينسر جهڙي موذي مرض کان به بچائيندو آهي.

  1. پروٽين جو خزانو

اها ڳالهه ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي آهي ته مڇي جي گوشت ۾ بهترين معيار جي پروٽين موجود هوندي آهي پر اها ڳالهه به ڄاڻي وٺو ته مڇي جون منڍيون به ان پروٽين کان خالي ناهن هونديون، مڇي جي منڍين مان نڪرندڙ مادو ڪوليسٽرول کان پاڪ هوندو آهي ان جي استعمال سان ڪيترن ئي موذي مرضن کان بچي سگهجي ٿو، خاص طور تي جڏهن سياري جي موسم ۾ ايميون سسٽم ڪمزور ٿي وڃي ته مڇي جي منڍين کي کائڻ سان توهان جو جسم وائرل بيمارين کان به بچيل رهندو.

  1. اوميگا ٿري

چرٻي واري مڇي ۽ مڇي جي چمڙي اوميگا ٿري فيٽ حاصل ڪرڻ جو تمام سُٺو ذريعو آهي پر مڇي جي منڍين مان نڪرندڙ سڻڀ يا مادي ۾ مڇي جي گوشت يا کَل جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ هوندو آهي. اوميگا فيٽ اسان جي جسم جا ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيندو آهي اهو خاص ڪري دماغ جي لاءِ تمام فائديمند هوندو آهي ۽ دماغي بيمارين کان محفوظ رکندو آهي جن ۾ ڊپريشن، اينزائٽي، ڪينويزن وغيره شامل آهن.

  1. بيمارين جو خاتمو

ميٽابولڪ سينڊروم جن ۾ ذيابطيس، دل جون بيماريون، ڪوليسٽرول ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙيون خطرناڪ بيماريون اچي وڃن ٿيون کي خاموش قاتل قرار ڏنو ويندو آهي ڇو ته اهي جسم کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏينديون آهن، اهڙي ئي ريت جوڙن جو سور به هڪ خطرناڪ تڪليف ڏيندڙ بيماري آهي ايتري تائين جو اها انسان کي معذور به بڻائي سگهي ٿي. مڇي جي منڍين ۾ موجود سڻڀ کي جيڪڏهن پنهنجي روز جي کاڌي ۾ شامل ڪيو وڃي ته مٿي ڄاڻايل سڀ بيماريون جسم کي ڪو به نقصان نه ڏئي سگهنديون. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي يقين نه اچي ته رڳو هڪ مهيني تائين مڇي جون منڍيون کائو ته توهان کي ان جي فائدن جي خبر پئجي ويندي.

  1. اگهن ۾ سستيون

مهانگائي جي اڄوڪي دور جتي توهان ڪهڙي به شيءِ وٺڻ لاءِ وڃو ته ان جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته وڏو گوشت، ٻاڪرو گوشت يا مڇي وٺڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو دليون هڻندا آهن. پر مڇي جون منڍين جن جا فائدا به تمام گهڻا آهن مڇي ۽ گوشت جي اگهن کان تمام سستيون هونديون آهن، ٻهراڙين ۾ ته ڪير به مڇي جي منڍي کا ناهي اڇلائيندو پر شهر ۾ ان جي فائدن جي گهٽ خبر هجڻ جي ڪري يا پچائڻ ۾ ڏکيائي سميت عجيب محسوس ڪرڻ جي ڪري ماڻهو انهن منڍين کي ناهن کائيندا، انڪري توهان کي مڇي جون منڍيون سولائي سان تمام سستيون ملي وينديون، انڪري توهان کي گهرجي ته مڇي جون منڍيون کائي فوري طور تي ان جي فائدن مان فائدو وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.