ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي سيڪٽر ايل ون ۾ شهرين ٻن مبينا ڦورن کي پڪڙي جيئرو ساڙي ڇڏيو.
ريسڪيو ذريعن موجب شهرين مبينا ڦورن تي تشدد ڪيو ۽ پوءِ کيس جيئرو ساڙي ڇڏيو.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه مبينا ڦورو فوت ٿي ويا آهن، جن لاءِ لاش اسپتال روانا ڪيا ويا آهن.
ايس ايس پي سينٽرل معرف عثمان موجب واقعي جو اطلاع ملندي ي پوليس رواني ڪئي وئي.