ٻار کي موبائل ڏيڻ پيءَ کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، ٻار موبائل تان اڍائي لک رپين جو کاڌو گهرائي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست مشي گن جو شهري ان وقت ڦاسي پيو، جڏهن سندس 6 ورهين جي پٽ موبائل تي اڍائي لک رپين جو کاڌو آرڊر ڪري ورتو.
پيءَ ٻار کي موبائل فون گيم کيڏڻ لاءِ ڏني پر ٻار هڪ هزار ڊالرن کان وڌيڪ جا پيزا ۽ فرائز گهرائي والدين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو.
آمريڪي شهري ڪيٿ اسٽون هائوس ان وقت وائڙو ٿي ويو، جڏهن فوڊ ڊليوري بواءِ سندس گهر کاڌو کڻي پهتو، پوءِ کيس علم ٿيو ته پٽ ميسن اسٽون هائوس اها حرڪت ڪئي آهي.
ٻار کاڌو آڻيندڙ رائيڊر کي پنهنجي جمع ڪيل رقم مان 115 ڊالرن جي ٽپ به ڏئي ڇڏي.