ڏهرڪي ( رپورٽ اجيت ڪمار)پنجاب جي شهر صادق آباد جي ڪرسچن ڪالوني ۾ هڪ گهر مان 3 خواجا سرائن جا لاش ۽ 2 خواجا سرا بيهوش حالت ۾ هٿ آيا.پوليس ٽن خواجا سرائن جا لاش ۽ بيهوش خواجا سرائن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پراسرار نموني فوت ٿيل خواجا سرائن ۾ سلطان، شڪيل ۽ رياض شامل هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي خواجا سرائن جو موت زهريلي شئي واپرائڻ سبب ٿيو آهي.پوليس موجب گهر ۾ پيل چانورن ۽ ٻين کاڌي پيتي وارين شين جا سيمپل ورتا ويا آهن، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.ٻئي پاسي رحيم يار خان جي ڊي پي او اختر فاروق صادق آباد پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.