سياري ۾ گهڙي گهڙي پيشاب ڇو ايندو آهي، ان مسئلي مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟

 

ٿڌي موسم پگهر نه اچڻ سبب ته بهتر آهي پر ان ۾ پيشاب وڌيڪ اچڻ جو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي.

ڪجهه ٻارن کي ته عام ڏينهن ۾ ئي بيڊ ويٽ جو مسئلو هوندو آهي، جيڪو سياري ۾ وڌي ويندو آهي، جنهن سبب سندن مائرون پريشان ٿي وينديون آهن، جڏهن ته ٿڌ جي ڪري پگهر نه نڪرڻ سبب ننڍن توڙي وڏن کي رات جو گهڙي گهڙي پيشاب جي حاجت ٿيندي آهي ۽ کين ڪمبل مان نڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي.

جيڪڏهن توهان سان به ائين ٿيندو آهي ته اڄ اسان توهان کي اڇن تِرن ۽ خشخاش جا اهڙا فائدا ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان نه رڳو اهو مسئلو حل ٿيندو پر ٻيا فائدا به ٿيندا.

اڇا تِر

اڇا تِر کائڻ ۾ ذائقيدار ته هوندا ئي آهن پر انهن جو لڏو سڀئي شوق سان کائيندا آهن، انهن ۾ ڪيلشيم وڏي مقدار ۾ هوندو آهي، جنهن سبب اهي جسم کي طاقت ڏيندا آهن ۽ هڏن جي مضبوطي ۾ به ڪردار ادا ڪندا آهن.

خشخاش

هڪ چمچو خشخاش ۾ 46 ڪيلوريز، 1.6 گرام پروٽين، 3.7 گرام سڻڀ، 1.7 گرام فائبر، ڪاپر، ڪيلشيم، ميگنيشيم، فاسفورس، زنڪ، ٿيامن، آئرن ۽ ڪيميا پولي فينل موجود هوندو آهي، جيڪي اسان جي صحت لاءِ فائديمند آهن.

فائدا:

اڇن ترن ۽ خشخاش کي گڏائي استعمال ڪرڻ سان توهان طاقت جو وڏو خرانو حاصل ڪري سگهو ٿا.

  1. پيشاب گهڙي گهڙي اچڻ ۽ تڪليف يا ساڙي جو مسئلو اٿوَ ته اڇا تر ۽ خشخاش گڏائي استعمال ڪرڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.
  2. جيڪڏهن توهان جا هڏا ڪمزور آهن يا سنڌن ۾ سور رهي ٿو ته اڇا تر ۽ خشخاش ملائي کائو، توهان کي سڪون ملندو.
  3. رت جو کوٽ جو شڪار ماڻهو اهو نسخو ضرور آزمائين، تر ۽ خشخاش قدرتي طور جسم ۾ رت وڌائڻ جو ذريعو آهن.
  4. شگر جي مرض ۾ خشخاش فائديمند آهي ۽ ان سبب ٿيندڙ زخمن ۽ ڀَڳل ننهن کي ٻيهر وڌائڻ ۾ اڇو تِر مدد ڏئي ٿو.
  5. خشخاش اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز سبب وزن گهٽائي ٿي، جڏهن ته تِر ڊائٽنگ سبب ٿيندڙ ڪمزوري کي توازن ۾ رکن ٿا.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.