ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪي استحڪام لاءِ دهشتگردن کي مات ڏيڻي پوندي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ هر دور ۾ دهشتگردن جو نشانو بڻجندي رهي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان کي ڪاميابيون ملي چڪيون آهن.
هن وڌيڪ چيوته برساتي ٻوڏ سبب مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ دير ڪئي وئي، چونڊون وقت سر ٿين ها ته پيپلز پارٽي وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪري ها.