راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب آزادي کان اڳ اڊيالا جيل ۾ فواد چوڌري جو طبي معائنو ڪيو ويو، جيل اسپتال جي عملي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي صحتمند قرار ڏنو.
فواد چوڌريءَ جي جيل مان آزادي وقت پنهنجو سامان ۽ ڪپڙا غريب قيدن کي ڏيڻ جي درخواس ڪئي.
اڳوڻي وفاقي وزير جي آزادي جي موقعي تي گهروارن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ سندس آجيان لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران موجود هو.