اسان جي ڀرپاسي نِم جا ڪيترائي وڻ موجود هوندا آهن پر گهنا ماڻهو نِم جي فائدن کان اڻڄاڻ آهن.
سيارو هجي يا سانوڻ، نم هر موسم ۾ فائدو ڏئي ٿي، قديمي دور کان ان جو استعمال دوائن ۾ به ٿيندو پيو وڃي.
هن وقت ڇو ته سياري جي مند آهي، تنهن ڪري اسان سياري ۾ نم جي استعمال ۽ فائدن تي ڳالهائينداسين.
بيمارين کان ڇوٽڪارو
ارڙي، بخار ۽ خارش جهڙن مرضن مان جان ڇڏائڻ لاءِ نِم جو استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪير به اهڙن مرضن ۾ مبتلا هجي ته نم جي پَنن کي پاڻي ۾ اُٻاري وهنجي، ان سان کيس فائدو پهچندو، ڇو ته نم ۾ موجود اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون جلد تان جراثيمن جو خاتمو ڪنديون آهن.
ڪپڙن ۾ استعمال
سياري جي مند ۾ استعمال ڪيا ويندڙ گرم ڪپڙا موسم تبديل ٿيڻ کانپوءِ پيٽين ۽ المارين ۾ بند ڪري رکيا ويندا آهن ۽ سڄو سال پيل رهڻ سان ڪپڙن ۾ جيت به پئجي ويندا آهن پر جيڪڏهن ڪپڙن ۾ نم جا پَن رکجن ته انهن ۾ جيت نه پوندا.
وارن ۽ جسم تان خشڪي جو خاتمو
سياري ۾ وار خشڪ ٿيڻ هڪ عام مسئلو آهي، جيڪڏهن نم جي پنن کي پيسي اهي وارن کي لڳايا وڃن ۽ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ مٿو ڌوئي ڇڏجي ته مٿي مان خشڪي ختم ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ نم جي پنن کي اُٻاري وهنجڻ سان جلد جي خشڪي پڻ ختم ٿيندي آهي.
نِم جو تيل
نِم جي تيل کي ناريل جي تيل سان ملائي وارن کي لڳائڻ سان اهي سڻڀا نظر ايندا ۽ مضبوط به ٿيندا، گڏوگڏ مُنهن تان موهيڙا، چُٽا ختم ڪرڻ لاءِ به نم جي تيل سان چهري تي مساج ڪيو، ان سان جلد صاف ٿيڻ سان گڏ رنگ به ڀورو ٿي ويندو.