اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي (پي ٽي اي) غير قانوني مواد سبب ملڪ ۾ وڪي پيڊيا جون سروسز محدود ڪري ڇڏيون.
پي ٽي اي اربع تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته توهين جوڳو مواد بلاڪ نه ڪرڻ/نه هٽائڻ سبب وڪي پيڊيا جون سروسز محدود ڪيون ويون آهن.
پي ٽي آءِ موجب لاڳو ٿيڻ جوڳي قانون ۽ عدالتي حڪمن تحت نوٽيس جاري ڪري ڄاڻايل مواد بلاڪ ڪرڻ/هٽائڻ لاءِ وڪي پيڊيا سان رابطو ڪيو ويو هو.
بيان ۾ اها وضاحت به ڪئي وئي آهي ته معاملي تي ٻڌڻي جو موقعو فراهم ڪيو ويو پر وڪي پيڊيا نه توهين جوڳو مواد هٽائڻ جي حڪم تي عمل ڪيو، نه ئي اٿارٽي سامهون انهن جو نمائندو پيش ٿيو.
ٽيلي ڪام اٿارٽي موجب هدايتن تي ڄاڻي واڻي عمل نه ڪرڻ تي وڪي پيڊيا جي سروسز کي 48 ڪلاڪن لاءِ محدود ڪيو ويو، اها تنبيهه به ڪئي وئي آهي ته محمود پابندي سان پليٽ فارم کي رپورٽ ڪيل فواد بلاڪ/هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پليٽ فارم پاڪستان اندر بلاڪ ڪيو ويندو.