گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) گوجرانوالا ڏهن ورهين جي ٻار غيرت جي نالي ماءُ کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعو سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي واري علائقي ۾ پيش آيو، ٻار برقعو پائي آيو ۽ ماءُ جو پيڇو ڪندي کيس گهٽي ۾ فائرنگ جو نشانو بڻايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب هڪ واٽهڙو به زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب مقتولا ناديا نڪاح ختم ڪرڻ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي، جنهن تان پٽ غيرت جي نالي تي ماءُ کي قتل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نينگر پوليس تي به فائرنگ ڪئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو جڏهن ته کائنس وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
ڏهن ورهين پٽ غيرت جي نالي تي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو