اسڪولي شاگردياڻيءَ جو وڏو ڪارنامو، صاف هوا ڏيندڙ بيگ پيڪ ٺاهي ورتائين

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اسڪول جي 12 ورهين جي ذهين شاگردياڻي هڪ بيگ پيڪ ٺاهيو آهي، جيڪو نه رڳو پائيندڙ جي ڀرپاسي جي هوا کي صاف ڪري خارج ڪندو رهي ٿو پر شمسي توانائي سان ڪم ڪندو آهي.

ايلينور وڊز  اها ڊيزائن هڪ انجنيئرنگ مقابلي لاءِ تيار ڪئي آهي پر ان جي تحريڪ سندس بيمار ماءُ لاءِ آهي، جيڪا سهڪي جي مريض آهي ۽ معمولي گدلي هوا ۾ به پريشان ٿي ويندي آهي.

ان ٿيلهي اندر ايئر فلٽر، پکا ۽ هڪ ڊائنيمو به لڳل آهي، جڏهن ته ان ايجاد سان دنيا جا ڪروڙين ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا.

ان ايجاد جو انعام ملڻ تي ايلينور خوشي وچان چيو ته هي بيگ پيڪ هوا فلٽر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، ڇو ته منهنجا ڪجهه دوست ۽ گهرڀاتي سهڪي ۽ ساهه جي مسئلن جو شڪار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.