فلاپ فلمن کانپوءِ شاهه رخ خان ڇا سوچيو هو؟ بالي ووڊ ڪنگ جو وڏو انڪشاف

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته پٺاڻ جي ڪاميابي ناڪامي جا 4 سال وساري ڇڏيا.

شاهه رخ خان پنهنجي فلم ”پٺاڻ“ جي غير معمولي ڪاميابي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ان فلم پنهنجون 4 سالن جون ناڪاميون وساري ڇڏيون آهن، آخري فلم فلاپ ٿيڻ تي ماڻهن چيو هو ته مان منهنجون فلمون نه هلنديون.

هن انڪشاف ڪيو ته اهڙي قسم جي ڳالهين تي مان متبادل ڪم ڪرڻ جو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، کاڌو پچائڻ سکيو ته جيئن ريسٽورنٽ کوليان ۽ پنهنجي هٿن سان ماڻهن کي کاڌو ٺاهي کارايان.

واضح رهي ته 2018 ۾ رليز ٿيندڙ شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ باڪس آفيس تي ناڪام ٿي هئي، جنهن جي 4 سالن کانپوءِ رليز ٿيندڙ فلم ”پٺاڻ“ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.