ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نواز الدين صديقي جي گهرواري الزام هنيو آهي ته مڙس مون کي کاڌو ناهي ڏيندو، نه ئي باٿ روم استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي.
نواز الدين صديقي جي گهرواري عاليا صديقي جي وڪيل بيان ۾ الزام هنيو ته منهنجي اصيل کي مڙس نه کاڌو ڏيندو آهي ۽ نه کيس بسترو ۽ باٿ روم استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي.
وڪيل چيو ته منهنجي اصيل ٻارن سان گهر جي جنهن حصي ۾ رهي ٿي، اتي چئني پاسن کان مرد محافظ مقرر آهن ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪجهه ڏينهن اڳ نواز الدين جي ماءُ پنهنجي ننهن تي ملڪيتي تڪرار تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ عاليا صديقي جي وڪيل رضوان صديقي نواز الدين ۽ سندس گهر ڀاتين تي سنگين الزام هنيا آهن.