عمران جي دور ۾ جن حالتن مان مُلڪ گذريو، شڪر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان بچي ويو: مريم نواز

بهاولپور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري پاڪستان کي گروي رکي ڇڏيو، مُلڪ وٽ هاڻي نواز شريف ۽ ن ليگ کانسواءِ ڪو چارو ناهي.

بهاولپور ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته منهنجي پارٽي عهدي بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، مان عهدن جي محتاج نه آهيان، عوام جي محبت سرمايو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي چار سالا جبر واري دور ۾ ن ليگ جي ڪارڪنن پارٽي جو ساٿ ڏنو، جن حالتن مان مُلڪ گذريو، شڪر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان بچي ويو، عمران خان آءِ ايم ايف سان سخت معاهدو ڪيو وري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جي سزا قوم ڀوڳي رهي آهي، تيل ۽ ڊيزل مهانگي ڪرڻ پٺيان عمران خان جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو آهي.

مريم نواز چيو ته نواز شريف پاڪستان کي سريلنڪا بڻجڻ کان بچايو، مان ڄاڻان ٿي ته مُلڪ ۾ مهانگائي آهي، گئس، بجلي، ماني مهانگي آهي، مهانگائي تي نواز شريف لنڊن ۾ پريشان آهي.

هن چيو ته ٿورو سوچيو جيڪڏهن اِهو پنجن جو ٽولو ويٺو هجي ها ته پاڪستان جو ڪهڙو حشر ٿئي ها.

ن ليگ اڳواڻ سوال اُٿاريندي چيو ته  فوج جانين جو نذرانو ڏئي مُلڪ کي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، پشاور هاڻي اِها دهشتگردي جو واقعو ڇو ٿيو؟ سڄي مُلڪ ۾ حڪومتون عمران خان جون ۽ الزام شهباز شريف تي، شرم ڪيو.

هن چيو ته عمران خان آمريڪا تي الزام مڙهيو ۽ هاڻي آمريڪا کان معافي گهري ورتي، پنهنجي حڪومتي دور ۾ عمران خان مُلڪ کي ٽوڙيو، هاڻي ن ليگ ان گهر جي مرمت ڪري رهي آهي، مُلڪ وٽ هاڻي نواز شريف ۽ ن ليگ کانسواءِ ڪا چوائس نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.