عرفي جاويد ڪهڙي اداڪار سان لانئون لهڻ چاهي ٿي؟

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) لباس جي چونڊ سبب سدائين تنقيد کي منهن ڏيندڙ اداڪارا عرفي جاويد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ٻي گهرواري بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.

ڀارتي فوٽوگرافرن جي سوالن جو جواب ڏيندي عرفي جاويد شاهه رخ خان سان پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.

صحافي کانئس سوال ڪيو ته توهان شاهه رخ خان لاءِ ڪجهه چوڻ چاهيندا؟ جنهن تي عرفي چيو ته ”آءِ لو يو شاهه، مون کي ٻي گهرواري بڻائي ڇڏيو“.

صحافي اداڪارا کان فلم ”پٺاڻ“ جي ڪاميابي بعد ان جي سيڪوئل بابت راءِ ڏيڻ جو چيو، جنهن تي عرفي چيو ته مان فلم پٺاڻ ٽو لاءِ شاهه رخ خان جي ڪري ئي دستياب هونديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.