ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا واڌ ٿي وئي.
في تولو سون 3 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 5 هزار رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 3 هزار رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 75 هزار 754 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 27 ڊالر وڌڻ سان 1929 ڊالر في اونس آهي.