لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري بابت ڏنل بيان تي قائم آهيان.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاهور ۾ صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري جي حوالي سان ڏنل بيان تي قائم آهيان، آصف زرداري ڀلي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي، ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ اُهي ڪندا آهن جن جي پنهنجي ڪائي عزت هوندي آهي.
عمران خان جو چوڻ هو ته اسيمبليون نه ٽوڙيون ها ته عام چونڊن نه ٿين ها، اسيمبليون ٽوڙيندي کي حڪومت بند گهٽي ۾ اچي هلي وئي آهي.
هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ منهنجي بهترين حڪمت عملي هئي، نوي ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته اِهو آئين ٽوڙڻ برابر هوندو.
عمران خان وڌيڪ چيو ته فٽ ٿي چونڊ مهم جي شروعات ڪندس، فلحال منهنجو هڪ وڌيڪ ميڊيڪل چيڪ اَپ ٿيڻو آهي.