پاڪستانين جي پسنديده ترين موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني ”هونڊا“ پنهنجي موٽر سائيڪلن جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ ڪري ڇڏي.
ڪمپني طرفان پنهنجي مشهور موٽر سائيڪل سي ڊي 70 جي قيمت ۾ 7 هزار 400 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اها هڪ لک 21 هزار 500 رپين مان وڌي هڪ لک 28 هزار 900 رپين جي ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت سي ڊي 70 ڊريم جي قيمت 8000 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 37 هزار 900، پرائيڊر جي قيمت 9 هزار رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 61 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
هونڊا جي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ موٽر سائيڪل سي جي 125 جي قيمت ۾ به 9 هزار رپين جي وڏي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 94 هزار 900 رپين تائين پهچي وئي آهي.
ڪمپني طرفان سي بي 150 ايف جي قيمت 30 هزار رپين تائين وڌائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اها 3 لک 53 هزار 900 رپين مان وڌي 3 لک 83 هزار 900 رپين ٿي وئي آهي.
Bikes | Current Prices (Rs.) | Revised Prices (Rs.) | Increase (Rs.) | |
---|---|---|---|---|
CD70 | 121,500 | 128,900 | 7,400 | |
CD70 Dream | 129,500 | 137,900 | 8,000 | |
Poridor | 161,900 | 170,900 | 9,000 | |
CG125 | 185,900 | 194,900 | 9,000 | |
CG125 S | 219,500 | 230,900 | 11,400 | |
CB125F | 283,900 | 305,900 | 22,000 | |
CB150F | 353,900 | 383,900 | 30,000 | |
CB150F (Silver) | 357,900 | 387,900 | 30,000 |