اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي هڪ ٻي شرط قبول ڪندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽڪينڪي سطح جون ڳالهين جو ٻيو دور اسلام آباد ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي مني بجيٽ، انفورسمٽ ۽ انتظامي قدمن بابت جائزو ورتو پيو وڃي، غيرضروري ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ نان فائلرز لاءِ وڊ هولڊنگ ٽئڪس جي شرح وڌائڻ جون تجويزون پڻ غور هيٺ آهن.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توانائي واري شعبي تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ حڪومت نظرثاني ٿيل سرڪلر ڊيٽ مئنيجمنٽ پلان به آءِ ايم ايف ڏئي ڇڏيو آهي.
فيصلي تحت بجلي جي اگهن ۾ ايندڙ مهيني ٽي رُپيا في يونٽ واڌ ٿيندي ۽ مئي ۾ ستر پئسا في يونٽ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي جڏهن ته نئين مالي سال جي پهرين مهيني تائين بجلي ڇهه رُپيا في يونٽ مهانگي ڪئي ويندي.
آءِ ايم ايف ٽي سئو يونٽ سبسڊي جي تجويز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رڳو سئو يونٽ تائين غريب واهپيدارن کي سبسڊي ڏني وڃي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان ٻه سئو ارب رُپيا ريونيو حاصل ڪيو ويندو.
آءِ ايم ايف 4100 ارب رُپين جا گردشي قرض به ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، گردشي قرضن ۾ 952 ار رُپين کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو جڏهن ته واهپيدارن کي ملندڙ 675 ارب رُپين جي سبسڊي به ختم ٿيندي.
بجلي واري شعبي ۾ گردشي قرض 2500 ارب رُپيا آهي جڏهن ته گئس واري سيڪٽر جو گردشي قرض 1600 ارب رُپين تائين پهچي چڪو آهي.
واضح رهي ته ناڻي واري وزارت بجلي ۾ اگهن ۾ ست کان ڏهه رُپيا في يونٽ تائين واڌ جي تجويز ڏني هئي.