فواد چوڌري جي بغاوت واري ڪيس ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت ڦهلائڻ بابت ڪيس ۾ فواد چوڌري طرفان گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو، فواد چوڌري طرفان سندس وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران وڪيل سعد حسن پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جج فيضان حيدر گيلاني فواد چوڌري جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته مبارڪ هجيوَ، ڪيس جو رڪارڊ اچي ويو آهي.

ان تي بابر اعواڻ پنهنجن دليلن ۾ چيو ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد ڪيس ۾ فريادي آهي، هو رٽائرڊ ڪامورو آهي، اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري انفرادي طور پاڻ رياست ناهي.

هن چيو ته بغاوت جو قلم انفرادي طور تي ڪجهه ناهي، بغاوت جي قلم کي سياسي رنگ ڏنو ويو، لڳائڻ لاءِ ته ڪيس ۾ قتل جو قلم به لڳائي سگهن پيا، ڪيس ثابت ٿيڻ تي ان قلمن تحت ڏهه کان پندرنهن سالن جي سزا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته  انهن قلمن تحت گهٽ ۾ گهٽ سزا ٽي سال آهي.

بابر اعواڻ چيو ته فواد چوڌري کي ڪوڙي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، مٿس لڳل قلمن تي عدالتن جا گهٽ فيصلا موجود آهن، اڄڪلهه جيڪي ڪيس ٺهي رهيا اهن انهن کانپوءِ ڪجهه عدالتن جا فيصلا آيا آهن، قوم يقين نٿي رکي ته ٻه لفظ ڳالهائڻ تي ڪنهن مٿان اهڙن قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي، تنهنڪري عدالت کان گذارش آهي ته فواد چوڌري جي ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.

ٻڌڻي دوران جج فيضان حيدر گيلاني رمارڪس ڏنا ته فواد چوڌري ڪيس  جي هڪ مخصوص حصي تائين تنقيد ڪئي، فواد چوڌري پاران گهر وارن جي باري ۾ ڳالهائڻ جو ڇا مطلب آهي؟  هو سينيئر وڪيل ۽ پارليامنٽيرين آهي.

بابر اعواڻ چيو ته ماضي ۾ هڪ عورت کي ٽريڪٽر ٽرالي چئي به مخاطب ڪيو ويو، جنهن تي جج ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته خاندان جي حوالي سان ڳالهائڻ جو ڇا مطلب آهي؟  پاڪستان ۾ لٽريسي ريٽ بابت اوهان کي ڄاڻ آهي، سياسي ليڊر پاران اهڙي انداز ۾ ڳالهائڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ان کان اڳ به هڪ ڪوليگ جي باري ۾ به چيو ويو، ايترو اڳتي وڃڻ جو ڇا مطلب آهي؟

فواد چوڌري جي وڪيل چيو ته ان معاملي کي به مون وڃي حل ڪرايو هو.

جج فيضان حيدر گيلاني پڇاڻو ڪيو ته منشي واري لفظ کي غلط ڇو سمجهيو پيو وڃي؟

پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي ملازم کي نشانو بڻائي منشي جو لفظ استعمال ڪيوويو، اهڙي بيان ذريعي عوام ۾ نفرت پکيڙي پئي وڃي، فواد چوڌري ٽي وي تي چيو ته مُلڪ ۾ بغاوت فرض آهي، سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان جاري آهي، پوليس طرفان ڊاڪيومنٽر شاهديون گڏ ڪيون ويون، انڪري فواد چوڌري جي ضمانت جي درخواست جي مخالفت ڪيون ٿا.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن پنهنجن دليلن ۾ چيو ته فواد چوڌري جو فوٽو گراميٽرڪ ۽ وائس ميچ جي ٽيسٽ ٿي، جنهن تي جج سوال ڪيو ته جيڪڏهن فواد چوڌري پنهنجو بيان مڃي رهيو آهي ته ٽيسٽ ڇو ڪرائي وئي؟

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته فواد چوڌري ٽرائل دوران پنهنجي بيان تان ڦري ويو سگهي پيو.

هن چيو ته فواد چوڌري جي بيان تي کائنس وڌيڪ پڇاڳاڇا ناهي ڪرڻي، فواد چوڌري پنهنجو بيان مڃي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيس ۾ ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿي.

ايڊيشنل سيشن جج ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فواد چوڌري  جي گرفتاريءَ کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس ويهه هزارن جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني فواد چوڌري جي مشروط ضمانت منظور ڪندي رمارڪس ڏنا ته ان شرط تي ضمانت منظور ڪري رهيو آهيان ته فواد چوڌري ٻيهر اهڙو بيان نه ڏيندو، پارليامنيٽيرينز کي اهڙي قسم جا بيان نه ڏيڻ کپن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.