ڊمبل گرل پريتي زنٽا ۽ اسپيڊ اسٽار بريٽ لي جي پريم ڪهاڻي ۽ اصل حقيقتون

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ماضي ۾ بالي ووڊ جي مشهور ڊمپل گرل اداڪارا پريتي زنٽا ۽ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بريٽ لي وچ ۾ رومانوي لاڳاپن واريون خبرون ايتريون گرم هيون جو اداڪارا کي ان تي وضاحت ڏيڻي پئي هئي.

اهڙي قسم جو افواهون انڪري به سامهون آهيون هيون جو بريٽ لي ڀارتي ڪرڪيٽ ليگ آءِ پي ايل ۾ ڪنگز اليون پنجاب( هاڻ پنجاب ڪنگز ) طرفان کيڏي رهيو هو جنهن جي مالڪ پريتي زنٽا آهي.

تن ڏينهن ۾ بريٽ لي ۽ پريتي جي هڪ تصوير تمام گهڻي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ٻئي رات جي ماني تي ويل هئا.

2011ع ۾ ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پريتي زنٽا انهن خبرن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو هو ته مان ڪڏهن به ڪو ڪم لڪي ناهيان ڪندي ۽ جيڪڏهن منهنجو ساڻس ڪو رشتو آهي ته مان ڇو لڪائينديس.

اداڪارا وضاحت ڏني ته مان ڊنر تي ڪنهن ٻئي دوست سان وئي هيس، اتي اسان کي بريٽ لي ملي ويو ۽ هن به اسان گڏجي رات جي ماني کاڌي پر تصوير ڪڍڻ واري کي رڳو مان ۽ بريٽ لي ئي نظر آياسين.

هن اُن وقت چيو هو ته مان لي کي گذريل ستن ورهين کان سڃاڻان ٿي ۽ هو ٽن ورهين کان منهنجي ٽيم ۾ آهي، جيتوڻيڪ هو هاڻي شاهه رخ جي ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊر ۾ هليو ويو آهي ته پر اڃا تائين منهنجو گهاٽو دوست آهي.

واضح رهي ته اداڪارا پريتي زنٽا جي شادي فيبروري 2016 ۾ ٿي هئي، هن ٻه هزار ايڪويهه ۾ جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.