اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي مبينا ڌيءَ ٽيريان کي لڪائڻ بابت ڪيس ۾ لکت ۾ جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
عمران خان طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي نااهلي بابت داخل ڪيس ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي رڪن طور آفيس ڇڏي چڪو آهيان ۽ موجودا اسيمبلي ۾ وڃڻ جو ڪو ارادو نٿو رکان، پبلڪ آفيس هولڊر ناهيان رهيو انڪري نااهلي درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي ۽ عدالت اِها درخواست نٿي ٻڌي سگهي.
جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالت آئين ۾ مليل اختيارين پٽاندڙ عمران خان جي ڪنهن به حلفي بيان جو جائزو نٿي وٺي سگهي، حلفي بيان جي جائزي لاءِ لاڳاپيل فورم تي شاهد ۽ ثبوت پيش ڪرڻ سان گڏ شاهدن تي جرح جي ضرورت آهي.
عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ مع ڪرايل جواب ۾ ٽيريان جي پيءُ هئڻ بابت ڪو جواب ناهي ڏنو ۽ هن ٽيريان جي والد هجڻ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان جواب ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چار جج ان کان اڳ معاملي کي ٻڌڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن، عبدالوهاب بلوچ ان مامري تي پهريان درخواست داخل ڪئي هئي، پهرين آگسٽ 2018ع تي جسٽس عامر فاروق ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري چڪو آهي، جيڪي جج پهريان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن اُهي ٻيهر اِهو ڪيس نٿا ٻڌي سگهن .