پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو، پوليس وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب پوليس گجرات ۾پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير  چوڌري پرويز الاهي جي رهائشگاهه تي ڇاپي جي حوالي سان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب پوليس صبح سوير گجرات ۾ ڪنجاڙي هائوس تي ڇاپو هڻي ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ واپس موٽي وئي.

ان معاملي تي چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي بيان جاري ڪيا هئاپر هاڻ پنجاب پوليس به وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو چوڌري وجاهت جي گرفتاري لاءِ هنيو ويو، چوڌري وجاهت حسين جي گهر نه هئڻ سبب پوليس تلاشي کانپوءِ واپس هلي وئي.

پوليس موجب وجاهت حسين خلاف گجرات جي ڪڪرالي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.