”وڏي ڏاڙهي رکڻ سان ڪير مسلمان يا سٺو انسان نٿو ٿي سگهي، اسان ڪيستائين دهشتگردن کان ڊڄندا رهنداسين؟“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ٻڌڻي دوران سوال اُٿاريو آهي ته اسان ڪيستائين دهشتگردن کان ڊڄندا رهنداسين؟

سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻڌڻي جي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پشاور ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي حوالي سان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪڏهن چيو ويندو آهي ته دهشتگردن کي هي ڏيو هُو ڏيو، ڪڏهن چيو ٿو وڃي دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيو، ان سڄي صورتحال دوران رياست ڪٿي آهي؟ دهشتگردن سان ڳالهيون ڇو ڪيون پيون وڃن؟

هن چيو ته اڄ دهشتگرد ٻه ماڻهو ماريندا سڀاڻي 5 ماري ڇڏيندا، خبر ناهي اسان ڪهڙي معاشري ۾رهي رهيا آهيون، اسين دهشتگردن کان ڪيستائين ڊڄندا رهنداسين؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو به چيو ته هڪ جج دهشتگردي جي واقعي تي رپورٽ ڏني،ان کي گند جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج چيو ته وڏي ڏاڙهي رکڻ سان ماڻهو مسلمان يا سٺو انسان نٿو بڻجي سگهي، اسان جي هڪ جج کي ماريو ويو ڪنهن کي ڪا به پرواهه ئي نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.