چوڌري شجاعت ڀلي پنهنجي سياست ڪري اسان عمران خان سان گڏ آهيون: پرويز الاهي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي خاندان فيصلو ڪيو آهي ته چوڌري شجاعت کي سياست ڪرڻي آهي ته ڪري پر اسان عمران خان سان گڏ بيٺل آهيون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته مُلڪ دهشتگردي وڌي رهي آهي، ملڪ ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيو آهي، هر طرف مهانگائي جو طوفان آهي، مختلف شين جا اگهه وڌائي ٻيڙي ٻوڙي وئي آهي.

هن چيو ته نگران سيٽ اَپ ۽ پي ٽي ايم هڪ آهن، کين امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

پرويز الاهي چيو ته جيڪو ڏسندو ۽ سمجهندو آهيان اُهو چوندو رهندو آهيان،ان جو فائدو به ٿيندو آهي، خيبرپختونخواهه جي گورنر چونڊن جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي هي چونڊون ڪرائين، پنجاب ۾ به اليڪشن ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خاندان جو فيصلو آهي ته چوڌري شجاعت کي سياست ڪرڻي آهي ته ڪري پر اسان عمران خان سان گڏ آهيون، جڏهن ته چوڌري شجاعت جي پارٽي صدارت جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، ان ڪري سندس ننڍي ڀاءَ کي صدر بڻايو ويو آهي.

پرويز الاهي چيو ته تحريڪ انصاف پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو ڪندي، اسان کي گڏ رهڻو آهي ۽ اسان کي ڪا لالچ ناهي، مان ٻه ٽي ڀيرا وڏو وزير رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.