لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گورنر سنڌ ر ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ محمد زبير شاهد خاقان عباسيءَ جي پارٽي جي سينيئر نائب صدارت واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف جي ترجمان محمد زبير چيو ته منهنجي پوزيشن واضح آهي، مفتاح اسماعيل پارٽي ۾ آهي ۽ ڊار صاحب تمام سينيئر اڳواڻ آهي، پارٽي جو گند پبلڪ ۾ ڊسڪس ڪرڻ نٿو چاهيان.
هن چيو ته شاهد خاقان پارٽي جي سينيئر نائب صدارت جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هو پارٽي جو ڪارڪن ۽ سينيئر اڳواڻ آهي، نائب صدر جو عهدو ڇڏڻ سان کيس ڪو فرق نه پوندو.
ٻئي پاسي ن ليگ جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي استعيفيٰ جي خبر کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي.
شاہد خاقان عباسی صاحب کے استعفے کے حوالے سے جھوٹی خبر پر جھومنے والے پی ٹی آئی والوں کیلئے عرض ہے کہ ابھی بھی وہ پارٹی کے سینئر نائب صدر ہیں۔۔۔اعلان ختم ہوا
— Hina Parvez Butt (@hinaparvezbutt) February 1, 2023
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي حنا پرويز بٽ لکيو ته شاهد خاقان عباسي جي استعيفيٰ جي حوالي سان ڪوڙي خبر تي جهومڻ وارن پي ٽي آءِ اڳواڻن لاءِ عرض آهي ته هو اڃا به پارٽي جو سينيئر نائب صدر آهي.