شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ ري ايميجنگ پاڪستان جي فورم تان پاڪستان جي ڀلائي جو پيغام ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته جنرل باجوا جي رٽائرمينٽ کان اڳ هو سندس لاءِ ٻيو ڀيرو واڌ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو.

هن انڪشاف ڪيو ته هن لنڊن ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف کي صلاح ڏني هئي ته جيڪڏهن حڪومت کي جنرل باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ته بهترهوندو ته حڪومت ڇڏي وڃي.

هن ان تاثر کي به رد ڪيو ته هو ڪنهن جنرل کي آرمي چيف بڻائڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيو هو.

هن چيو ته هن ٽي سال اڳ نواز شريف تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن مريم نواز کي پارٽي ۾ سينيئر عهدي تي آندو ويو ته سندس پارٽي ۾ رهڻ ممڪن نه هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن کان مريم لنڊن کان آئي آهي ساڻس ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.

هن چيو ته مان خوش آهيان ته سندس سرجري ڪامياب ٿي، منهنجون دعائون ساڻس گڏ آهن. هن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ پارٽي جو چيف آرگنائيزر نه هوندو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هو آخري دم تائين (ن) ليگ سان گڏ رهندو پر جيڪڏهن پارٽي مون کي ڌار ڪري ٿي ته هو گهر وڃڻ پسند ڪندو.

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا هو ٻيو چوڌري نثار ٿيڻ وڃي رهيو آهي ته هن مسڪرائيندي چيو ته مان حد کان وڌيڪ پر عزم ڪارڪن نه آهيان.

هن چيو ته منهنجو ري ايمجننگ پاڪستان فورم ڪنهن  شخص يا پارٽي خلاف نه آهي، عوام جو هڪ وڏو انگ ان فورم ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ ان جي  سرگرمين جو حصو بڻجي رهيو آهي.

شاهد خان چيو ته فورم جو ايندڙ اجلاس 18 فيبروري تي ڪراچيءَ ۾ ٿيندو، اڳوڻي وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان ڏينهن رات سياسي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي ۽ سياسي پارٽيون هٿ تي هٿ رکيون ويٺيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو کي گهرجي ته هو ري ايميجننگ پاڪستان فورم سان سهڪار ڪن، اسان ماڻهن کي درخواست ڪيون ٿا ته هو مُلڪ جي صوررتحال تي پرسڪون انداز سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ مسئلن مان ڇوٽڪاري جو رستو تلاش ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.