ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ۾ واحد وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي تنهنڪري پنهنجو ميئر مقرر ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته اسان جا مخالف ايتريون سيٽون نه کٽن ها ۽ اها ڳالهه انهن کي چڱي ريت خبر آهي.
هن اها ڳالهه هندو جمخانا ۾ ناپا جي ڪنووڪيشن جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.
هن چيو ته اسان جي پارٽي جي هن شهر ۽ عوام جي خدمت جي هڪ تاريخ آهي ۽ انشاءَ الله اسان کيس وزيراعليٰ ۽ ميئر بڻائي خدمت ڪنداسين.
ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 8 جنوري تي پوسٽ جنيوا ڪانفرنس ۾ ڊونر ايجنسين کي آگاهه ڪيو ويو ته هو کين مالي سهڪار ڪندي منصوبا فراهم ڪن جنهن جو سندن واعدو ڪيو ويو هو. سڀ ڪجهه شفاف ٿيڻ گهرجي.
وڏي وزير چيو ته 2 لک گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن جنهنجو اسان سروي به ڪرايو آهي ۽ اهو وڏو ڪم هو ۽ هاڻي ڪانفرنس کانپوءِ اسان سندن ناليوارن اين جي اوز جي مدد سان رقم ورهائڻ شروع ڪنداسين جن کي هائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ شريڪ ڪيو ويو آهي.
هڪٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 20 هزار اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو آهي.
هن چيو ته اهڙن خطرناڪ عمارتن ۾ شاگردن کي ڪلاس وٺڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سيف سٽي بابت هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته رڳو ڪيمرائون لڳائڻ ڪافي ناهي پر اسان کي پنهنجي پوليس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو.
مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهي آهي، دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جيڪي ڀائيچاري، اجتماعي سماج ۽ سڀني مذهبن جي هم آهنگي تي يقين رکندا هئا. هن چيو ته موسيقي، فن ۽ گهڻ ثقافت سماج ۾ امن ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جو بهترين وسيلو آهي.
ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته هندستان ۾ مسلمان حڪمرانن صدين تائين فن، موسيقي ۽ دستڪاري تي راڄ ڪيو ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجو بڻايو.
سردار شاهه چيو ته عزت، احترام ۽ محبت بندوق جي زور تي کسي نٿي سگهجي جيتوڻيڪ موسيقي مختلف عقيدن ۽ قومن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي آهي.