لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جيئن ئي چوڌري شجاعت حسين کي مسلم ليگ (ق) جي صدارت تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته چوڌري پرويز الاهي فوري مسلم ليگ آفيس پهچي قبضو ڪري ورتو آهي.
نامياري صحافي موجب اها پارٽي آفيس اربين رپين جي ماليت جي آهي. جنهن ڪري پرويز الاهي کي اهو خوف ٿيو ته ڪٿي چوڌري شجاعت جو پٽ چوڌري سالڪ نه اچي پارٽي آفيس ۾ ويهي رهي ۽ آفيس ان جي قبضي ۾ هلي وڃي ان ڪري پرويز الاهي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ بعد هڪ گهڙي به ضايع ڪرڻ بنا آفيس پهچي ويو.
ان ڪري نظر اهو ٿو اچي ته پرويز الاهي پنهنجا گارڊ 24 ڪلاڪن لاءِ مقرر ڪري ڇڏيندو. پر چوڌري شجاعت جيئن ئي آفيس خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا کان مدد طلب ڪندو ته وڏو آپريشن ٿيندو ان بعد آفيس خالي ڪرائي چوڌري شجاعت حوالي ڪئي ويندي ڇو ته قانوني طور هاڻي مسلم ليگ (ق) جو صدر چوڌري شجاعت آهي.
نوٽ: گوبر بٽ جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز اربع 23-02-01 تي شايع ٿيو