موٽروي اسڪينڊل: اڳوڻي وزير جي پي ايس کان 44 ڪروڙ رپيا هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) نيب موٽر وي اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزير جي پرسنل اسسٽنٽ کان 44 ڪروڙ رپيا هٿ ڪري ورتا آهن . ذريعن موجب موٽر وي ايم 6 اسڪينڊل جي نيب جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ قومي احتساب بيورو (ڪراچي) جوابدار عاشق ڪليري ءَ وٽان 44 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا آهن.

نيب گذريل ڏينهن جوابدار عاشق ڪليري وٽان 30 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا هئا، جڏهن ته 14 ڪروڙ روپيا روڪ رقم 5 ڏينهن اڳ هٿ ڪئي وئي هئي.

نيب ذريعن موجب گرفتار جوابدار عاشق ڪليري اڳوڻي وزير جو پرسنل اسسٽنٽ آهي، جنهن جي نشاندهي تي 5 لگزري گاڏيون به هٿ ڪيون ويون آهن، جن جي ماليت ڪروڙين روپين ۾ ٻڌائي پئي وڃي، نيب جوابدار کي احتساب عدالت حيدرآباد ۾ پيش ڪيو، پنج ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو.

نيب جو چوڻ آهي ته جوابدار کان وڌيڪ ريڪوري لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي، ذريعن مطابق عاشق ڪليري هڪ اهم شخصيت ۽ اڳوڻي صوبائي وزير جو فرنٽ مين آهي جنهن موٽروي رٿا ۾ ٿيندڙ اربين رپين جي ڪرپشن  جي رقم ورتي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.