حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) نيب حيدرآباد – سکر موٽر وي منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار عاشق ڪليري جي نشاندهي تي ڇاپو هڻي ڪروڙين رپيا هٿ ڪري ورتا.
حيدرآباد سکر ايم 6 موٽر وي ۾ سياسي شخصيت ۽ اڳوڻي صوبائي وزير جي گرفتار پرائيويٽ سيڪريٽري عاشق ڪليري کي نيب عدالت حيدرآباد ۾ پيش ڪري رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي.
نيب اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته عاشق ڪليري کان ان کان اڳ 13 ڪروڙ رپيا ۽ گذريل ڏينهن وڌيڪ 29 ڪروڙ 97 لک رپيا ڪراچي جي فليٽ مان هٿ ڪيا آهن، جڏهن ته 2022 جي ماڊل جون ٻه مهانگيون گاڏيون به برآمد ڪيون آهن.
نيب جو چوڻ هو ته جوابدار کان وڌيڪ ريڪوري لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي، جوابدار جي قبضي مان 42 ڪروڙ رپين جي رقم برآمد ٿي چڪي آهي.
عدالت 5 ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدار عاشق ڪليري کي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب عاشق ڪليري هڪ اهم شخصيت ۽ اڳوڻي صوبائي وزير جو فرنٽ مين آهي، جنهن موٽر وي منصوبي ۾ ٿيندڙ مبينا طور تي اربين رپين جي ڪرپشن جي رقم ورتي هئي.