مهانگائيءَ جو طوفان، آصف زرداري اهم تجويز ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پورهيت جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 35 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو آهي ته پورهيت جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 35 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي ته جيئن پورهيتن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ٿين، ان حوالي سان سرڪاري سطح تي فيصلو ڪيو وڃي.

هن چيو ته عوام جي ڏکيائين ۽ تڪليفن جي ازالي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ، مسئلا حل ڪرڻ ۽ رليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري ۽ فرض آهي، جنهن تي پورو لهڻ لاءِ حڪومتي ڪوششون تيز ڪيون وڃن.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائيءَ جو نئون طوفان آيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.