”ڀائو ڏس ڪٿي ويٺا آهيون، ڏاهو ٿيءُ ائين نه ڪر“ ڪوهلي جي مداح سان گفتگو جي وڊيو وائرل

ڀارت ۽ دنيا جي بهترين بيٽر ورات ڪوهلي پنهنجي مداح کي وڊيو ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي ورات ڪوهلي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي مداح کي بال تي آٽو گراف ڏئي رهيو آهي.

ان دوران اتي موجود ٻيا پرستار سندس وڊيو ٺاهي رهيا هئا ان تي ورات ڪوهلي کين ائين ڪرڻ کان اِهو چوندي روڪيو ته ” ڀائو هي آشرم آهي”

واضح رهي ته ورات ڪوهلي هن وقت ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو حصو نه آهي، اسٽار بيٽر آسٽريليا خلاف نوَ فيبروري کان شروع ٿيندڙ بارڊر گواسڪر ٽيسٽ سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.