”پاڪستان آيل افغانين جي خبر ناهي ته انهن ۾ ڪير معصوم ۽ ڪير دهشتگرد آهن“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ضرب عضب جهڙي آپريشن لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي خواجا آصف چيو ته پشاور پوليس لائنز مسجد تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 100 ڄڻن جي شهادت آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کان گهٽ ناهي، هن وقت قوم کي اختلافن باوجود اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، پشاور سانحي کانپوءِ ضرب عضب جهڙي آپريشن جي ضرورت آهي پر ان جو فيصلو قومي سلامتي ڪميٽي ڪندي.

هن چيو ته اي پي ايس سانحي وقت به سمورا سياستدان گڏ ٿيا هئا پر اسان کي پنهنجي ماضي تي به نظر وجهڻ جي ضرورت آهي ۽ غلطين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن روسي فوج افغانستان ۾ داخل ٿي ته ضيا دور ۾ اسان آمريڪي جنگ ۾ ٽپو ڏنو، روس واپس هليو ويو آهي ۽ آمريڪا خوش ٿي ويو پر اسان ڀوڳيو ۽ پوءِ مشرف دور نائن اليون ۾ ٻيهر ان جو حصو بڻجي وياسين، ان سموري جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان اسان ڀوڳيو، پوءِ انهن دهشتگردن کي واپس آڻڻ جون ڳالهيون ٿيون، هاڻ اسان ڪيئن شهيدن جي وارثن کي ٻڌايون ته انهن سان ڇا ٿيو.

خواجا آصف انڪشاف ڪيو ته ساڍا 4 لک افغاني قانوني دستاويز تي پاڪستان آيا ۽ هاڻ واپس نه ويندا، خبر ناهي ته انهن ۾ ڪير معصوم ۽ ڪير دهشتگرد آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.